SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


حجاز - نجد


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


حجاز - نجد

Hejaz -Najd

حجاز / نجد

لفظ حجاز جي لغوي معنيٰ ”لوڙهو“ آهي. هي علائقو موجوده سعودي عرب جي اولهه ۾ موجود آهي. قديم دؤر کان وٺي انساني تاريخ ۾ هي علائقو مقدس زمين طور ڳڻبو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي اسلام جو نبي حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم به پيدا ٿيو. جنهن ان علائقي ۾ اسلام جي تبليغ جو ابتدائي ۽ عظيم الشان ڪم شروع ڪيو. اسلامي عقيدي موجب حجاز سڄي دنيا ۾ عظيم ترين خطو آهي، ڇاڪاڻ ته هن علائقي ۾ مسلمانن جا مقدس ۽ عظيم شهر مڪو ۽ مدينو پڻ موجود آهن. مغرب جي طرف کان اهو ملڪ عقبه جي نار ۽ ڳاڙهي سمنڊ سان مليل آهي ۽ اوڀر طرف کان نجد جو علائقو آهي. هي دُنيا جو سڀ کان وڌيڪ تيل جا ذخيرا رکندڙ ۽ تيل ڏيساور موڪليندڙ علائقو پڻ آهي. ”نجد“ عربستان جو هڪ علائقو آهي. جنهن جي لغوي معنيٰ ”مٿانهون علائقو“ آهي. سندس الهندي طرف ”حجاز“ جبل ۽ يمن، اوڀر ۾ بحرين ۽ اُتر ۾ عراق ۽ شام جا ملڪ آهن. انهن ٻنهي حصن کي ملائي 21 سيپٽمبر 1932ع تي سعودي عرب نالي ملڪ قائم ڪري، هڪ وڏي عرب رياست ترتيب ڏني وئي


Remember Me Also:

مڱڻيجا

مَڱِڻيجا (ت)

اسم خاص. هڪ قبيلي جو نالو. تعلقي وارهه ۾ هڪ ديهه جو نالو. (لسٽ).

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal